ابوالعباس احمد منصوري

ابوالعباس احمد منصوري: ابوالعباس احمد بن محمد بن صالح بن تميمي منصوري وڏو عالم، محقق ۽ بزرگ ٿي گذريو آهي. منصوره جو رهاڪو هو ۽ منصوره ۾ ڪيترن ئي ماڻهن کي علم ۽ ادب جي ڄاڻ ڏنائين. سندس نالو سنڌ جي ڏاهن ۾ ليکيو ويندو هو. عمر جي آخري حصي ۾ عراق جي شھر بغداد ويو، جتي ڪيترائي عالم کانئس متاثر ٿيا. هن بغداد ۾ حديثن جي علم ۾ وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪئي. هن جون ٽي تصنيفون ڏاڍيون مشھور ٿيون، جيڪي هي آهن: ’المصاع الڪبير‘، ’ڪتاب احاديث‘ ۽ ’ڪتاب النير‘.


هن صفحي کي شيئر ڪريو